خيرپور جوسي وارو ڪوٽ

خيرپور جوسي وارو ڪوٽ: هيءُ قديم ڪوٽ آهي، جيڪو هينئر زبون حال آهي. هن ڦٽل ڪوٽ جا آثار قنبر کان ڏکڻ-اوڀر طرف اٺن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي سرڪل رانوتي يونين ڪائونسل، تپي ۽ ديهه خيرپور جوسي ۾ واقع آهن. هيءُ ڪوٽ مير سهراب خان ٽالپر پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ ٺهرايو. هن ڪوٽ ۾ اڪثر ڪري مير حڪمران رهندا هئا. ميرن جي دور حڪومت ۾ هن ڪوٽ جي رکوالي اسراڻ قبيلي جا ماڻهو ڪندا هئا. هينئر هن ڦٽل ڪوٽ جي ماڳ تي غلام مجتبيٰ اسراڻ، غلام مجدد اسراڻ ۽ سرفراز احمد اسراڻ جا گهر آباد آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو